ٿر مٿان موت جو پاڇو نه ٽريو، وڌيڪ هڪ ٻار فوت، انگ 133 ٿي ويو

ڏڪاريل ڏيهه ٿر مٿان موت جو پاڇو نه ٽــَريو، وڌيڪ هڪ ٻارڙيَ جي فوت ٿيڻ بعد 52 ڏينهن ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي هڪ سئو 24 ٻارن سميت فوتين جو انگ هڪ سئو 33 ٿي ويو آهي.....


آمريڪي صدر براڪ اوباما وزيراعظم نواز شريف سان ٽيليفون تي رابطو ڪري پاڪستان سان موجوده لاڳاپن کي هڪ درجو وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي.

لنڊن جي فائيو اسٽار هوٽل ۾ گئس ليڪيج ٿيڻ بعد ڌماڪو ٿيڻ سبب 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته هوٽل ۾ ترسيل اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي ٻئي هوٽل ۾ منتقل ڪيو ويو. لنڊن جي هوٽل حيات ريجنسي چرچل جي بيسمينٽ ۾ گئس ليڪيج ٿيڻ سبب ڌماڪو ٿيو . 

ســُپريم ڪورٽ، ڪوٽ راڌا ڪشن ۾ مسيحي جوڙي کي زنده ساڙڻ واري واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي وفاق ۽ پنجاب حڪومت کي ٽن ڏينهن اندر تفصيلي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سنڌ ۾ گوسڙو ماسترن خلاف ڪارروايون تيز ٿي ويون. اسڪولن تي ڇاپا هڻي وڌيڪ 27 ماسترن ۽ ماسترياڻين کي معطل ڪيو ويو. ان ڏس ۾ مليل رپورٽن موجب خيرپور جي ڊي او تعليم لياقت خاصخيلي ضلعي جي مختلف اسڪولن جو دورو ڪري 21 پرائمري ۽ هڪ جي ايس ٽي  گوسڙو استاد کي معطل ڪري کين گھر موڪلي ڇڏيو

  1 2  3  4  5  6  7  8  9 
  • <<
  •  

    ملٽي ميڊيا

    Pakistan
    Pakistan
    Balochistan
    Balochistan
    KPK
    KPK
    Punjab
    Punjab
    sindh
    sindh